عيد الفطر جي موقعي تي لائن آف ڪنٽرول تي مقرر پاڪ فوج جي جوانن پاران قوم جي نالي خصوصي پيغام

اسلام آباد-22 مارچ (اي پي پي) عيد الفطر جي موقعي تي، لائن آف ڪنٽرول تي پنهنجا فرض ادا ڪرڻ لاءِ مقرر پاڪ فوج جي جوانن قوم کي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ سڄي ملڪ جي عوام کي عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، لائن آف ڪنٽرول تي مقرر پاڪ فوج جي بهادر جوانن پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مُلڪ جو دفاع پهرين ترجيح آهي، اسان چوڪس آهيون ته …

اسلام آباد-22 مارچ (اي پي پي) عيد الفطر جي موقعي تي، لائن آف ڪنٽرول تي پنهنجا فرض ادا ڪرڻ لاءِ مقرر پاڪ فوج جي جوانن قوم کي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ سڄي ملڪ جي عوام کي عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، لائن آف ڪنٽرول تي مقرر پاڪ فوج جي بهادر جوانن پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مُلڪ جو دفاع پهرين ترجيح آهي، اسان چوڪس آهيون ته جيئن قوم پرامن ماحول ۾ خوشيون ملهائي سگهي. پاڪ فوج جي جوانن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. انهن چيو ته اسان پنهنجي خاندانن کان پري آهيون، پر ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جي خوشي اسان جي لاءِ سڀ کان وڏي عيد آهي، قوم جو اعتماد ۽ محبت اسان جي حوصلي کي وڌيڪ وڌائين ٿا. عيد الفطر جي مبارڪ موقعي تي، جتي سڄو ملڪ خوشين ۾ مصروف آهي، اتي سرحد تي مقرر پاڪ فوج جا جوان وطن جي دفاع لاءِ تيار بيٺا آهن.