عيدالفطر ايثار، اتحاد، خدمت خلق ۽ گڏيل ذميواري جي احساس کي تازو ڪرڻ جو موقعو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو عيدالفطر جي موقعي تي پيغام

لاهور – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي مسلمان امت ۾ وڌيڪ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا غيريقيني واري صورتحال ۽ عدم استحڪام جو شڪار آهي، اسان جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

لاهور – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي مسلمان امت ۾ وڌيڪ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا غيريقيني واري صورتحال ۽ عدم استحڪام جو شڪار آهي، اسان جو اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو عيدالفطر جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ جو مبارڪ ڏينهن اسان جي لاءِ الله جي خاص رحمت ۽ فضل ۽ ڪرم جو مظهر آهي. اڄ جي ڏينهن سمورا مسلمان الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندا آهن ته رمضان المبارڪ جي خصوصي عبادتن کانپوءِ عيد سعيد جي خوشي نصيب فرمائي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان جي عبادتن کي قبوليت ۽ اسلامي قدرن کي پنهنجي عملي زندگي ۾ لاڳو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته عيدالفطر ايثار، اتحاد، خدمت خلق ۽ گڏيل ذميواري جي احساس کي پڻ تازو ڪرڻ جو موقعو آهي. بحيثيت قوم اسان کي عيد جي ڏينهن معاشري جي ڪمزور طبقن کي خوشين جي لمحن ۾ شريڪ رکڻو آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ حڪومت ڪمزور طبقن جي باعزت مالي معاونت جي لاءِ ڊيجيٽل والٽس جو نظام خوش اسلوبي سان مڪمل ڪيو. گڏيل ذميواري ۽ گڏيل تعاون ئي اصل ۾ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. وزيراعظم  چيو ته عيد جي خوشين ۽ شڪرگذاري جي هن موقعي تي به اسان جي دل غزه ۽ وچ اوڀر ۾ تڪرارن کان متاثر ٻين ماڻهن جي لاءِ ڏکويل آهي. انهن جي تڪليف ان ڳالهه جي واضح ياد ڏياري ٿي ته مسلمان امت ۾ وڌيڪ اتحاد جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اسان گڏجي انصاف، وقار ۽ پائيدار امن کي فروغ ڏئي سگهون. اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا غيريقيني ۽ عدم استحڪام جو شڪار آهي، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جو اتحاد ئي آهي. هن دعا ڪئي ته هي عيد مسلمان امت ۾ ڀائيچاري جي جذبي کي وڌيڪ فروغ ڏي ۽ اسان کي انسايت جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏي. هن چيو ته بحيثيت پاڪستاني قوم سڄي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ الله تعاليٰ آڏو دعاڳو آهي ته عيد جون مبارڪ گهڙيون عالمي امن، عدل ۽ انصاف ۽ ڀائيچاري جي فضا کي سگهه ڏين.