لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي وزيراعظم نواف سلام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لبنان جي وزيراعظم نواف سلام کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ لبنان جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم نواف سلام وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جذبن جو گرمجوشي سان جواب ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف …
وزيراعظم شهباز شريف جي لبنان جي وزيراعظم نواف سلام کي ٽيليفون، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني

مزید خبریں
لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي وزيراعظم نواف سلام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لبنان جي وزيراعظم نواف سلام کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ لبنان جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم نواف سلام وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جذبن جو گرمجوشي سان جواب ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جنهن جي نتيجي ۾ معصوم جانين جو افسوسناڪ زيان ٿيو، شهري زخمي ۽ بي گهر ٿيا، جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان مشڪل حالتن ۾ لبنان جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن لبنان جي اتحاد، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڇڪتاڻ جي فوري خاتمي تي زور ڏنو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ لبنان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











