صدر آصف علي زرداري جي مرحوم غلام سرور انڙ جي گهر آمد، پونئيرن سان تعزيت جو اظهار

نوابشاهه – 20 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نوابشاهه ويجهو ڳوٺ کڊر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ مرحوم غلام سرور انڙ جي گهر ويو ۽ سندس پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مرحوم غلام سرور انڙ جي فرزندن شهزاد سرور، شان سرور ۽ ڪاشف سرور سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ …

نوابشاهه – 20 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نوابشاهه ويجهو ڳوٺ کڊر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ مرحوم غلام سرور انڙ جي گهر ويو ۽ سندس پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مرحوم غلام سرور انڙ جي فرزندن شهزاد سرور، شان سرور ۽ ڪاشف سرور سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، صوبائي وزير علي حسن زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.