وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بنگلاديش جي وزيراعظم طارق رحمان کي ٽيليفون، عيد جي مبارڪباد ڏني

لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش جي وزيراعظم طارق رحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم طارق رحمان ۽ بنگلاديش جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن …

لاهور – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش جي وزيراعظم طارق رحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم طارق رحمان ۽ بنگلاديش جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڏکڻ ايشيا ۾ ٿيندڙ علائقائي اڳڀرائي سان گڏوگڏ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي قدمن تي زور ڏنو. وزيراعظم رحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عيدالفطر جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي گڏيل مقصدن جي لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.