اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر يوم پاڪستان جي پرمسرت موقعي تي نئون قومي نغمو ”ميري مٽي ميري جان“ جو پرومو جاري ڪري ڇڏيو آهي. هي نغمو هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي ته جڏهن هلندڙ سال عيد ۽ يوم پاڪستان جون گڏيل خوشيون قومي ڪاميابين جي پاڇي ۾ ملهايون پيون وڃن. آءِ ايس پي آر موجب ”ميري مٽي ميري جان“ صرف هڪ گانو ناهي …
آءِ ايس پي آر يوم پاڪستان 2026ع جو نئون قومي نغمو ”ميري مٽي ميري جان“ رليز ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر يوم پاڪستان جي پرمسرت موقعي تي نئون قومي نغمو ”ميري مٽي ميري جان“ جو پرومو جاري ڪري ڇڏيو آهي. هي نغمو هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي ته جڏهن هلندڙ سال عيد ۽ يوم پاڪستان جون گڏيل خوشيون قومي ڪاميابين جي پاڇي ۾ ملهايون پيون وڃن. آءِ ايس پي آر موجب ”ميري مٽي ميري جان“ صرف هڪ گانو ناهي پر پاڪستاني قوم جي اجتماعي فخر، سچي پاڪستانيت ۽ گڏيل جذبن جي خوبصورت عڪاسي آهي. هي نغمو آپريشن بنيان مرصوص جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ قوم جي حوصلن کي وڌيڪ سگهه بخشڻ ۽ قومي روح کي بيدار ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هن نغمي جي خاص ڳالهه ان کي جديد موسيقي ۽ منفرد انداز آهي، جنهن کي خاص طور تي نئين نسل جي ذوق موجب ٺاهيو ويو آهي. دلڪش ڪورس ۽ پرجوش ڌنن سان هي نغمو نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪڻ بڻجي ويو آهي ۽ انهن جي حب الوطني جي جذبن کي زبان ڏي ٿو. ترجمان جو چوڻ آهي ته هي نغمو نه رڳو يوم پاڪستان جي مناسبت سان اهميت رکي ٿو پر ايندڙ ڏينهن ۾ هي قومي يڪجهتي، هم آهنگي ۽ ملڪي وقار جي علامت بڻجي گونجندو رهندو.











