سينيٽ چيئرمين پاران نوروز جون مبارڪون

اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نوروز جي پرمسرت موقعي تي سڄي دنيا ۾ هن ڏينهن کي ملهائيندڙن کي مبارڪون ڏيندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته نوروز اميد، هم آهنگي ۽ روشني جي اونڌاهي تي فتح جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته صدين کان ملهايو ويندڙ هي ڏينهن گڏيل ثقافتي ورثي جي نمائندگي …

اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نوروز جي پرمسرت موقعي تي سڄي دنيا ۾ هن ڏينهن کي ملهائيندڙن کي مبارڪون ڏيندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته نوروز اميد، هم آهنگي ۽ روشني جي اونڌاهي تي فتح جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته صدين کان ملهايو ويندڙ هي ڏينهن گڏيل ثقافتي ورثي جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ معاشرن وچ ۾ امن، گڏيل بقاءَ ۽ احترام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙا موقعا عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اتحاد، ڳالهين ۽ گڏيل فهم ۽ ادراڪ جي اهميت جو احساس ڏيارين ٿا. هن عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ خير سگالي کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي ٻين حصن ۾ خوشحالي، فلاحي ۽ ڀلائي لاءِ دعا پڻ ڪئي.