حقيقي خوشي معاشري ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ ۾ آهي: مير سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا-20 مارچ (اي پي پي)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جمع الوداع، چنڊ رات ۽ خوشي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي بابرڪت ۽ خوشين ڀريو موقعو انسانيت لاءِ اميد، اتحاد ۽ گڏيل هم آهنگي جو پيغام کڻي اچن ٿا. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ خوشحال معاشروع ئي حقيقي ترقي جو بنياد هوندو آهي، جتي هر ماڻهو کي عزت، تحفظ ۽ …

ڪوئيٽا-20 مارچ (اي پي پي)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جمع الوداع، چنڊ رات ۽ خوشي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي بابرڪت ۽ خوشين ڀريو موقعو انسانيت لاءِ اميد، اتحاد ۽ گڏيل هم آهنگي جو پيغام کڻي اچن ٿا. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ خوشحال معاشروع ئي حقيقي ترقي جو بنياد هوندو آهي، جتي هر ماڻهو کي عزت، تحفظ ۽ بهتر زندگي جا موقعا ميسر هجن، هن چيو ته خوشي، امن ۽ ڀلائي هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ حڪومت ان ڳالهه لاءِ ڪوشان آهي ته عوام کي اهڙو سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي جتي هو سڪون ۽ اطمينان سان زندگي گذاري سگهن. وڏي وزير چيو ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو اسان کي صبر، برداشت، قرباني ۽ همدردي جو درس ڏي ٿو، اسان کي انهن اعليٰ قدرن کي پنهنجي اجتماعي زندگي جو حصو بڻائڻ گهرجي.