صدر آصف علي زرداري عيد ملهائڻ پنهنجي اباڻي شهر نوابشاهه پهچي ويو

نوابشاهه – 20 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عيد ملهائڻ پنهنجي اباڻي شهر نوابشاهه پهچي ويو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري عيدالفطر ملهائڻ جي لاءِ نوابشاهه پهچي ويو جتي ايئرپورٽ تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، صوبائي وزيرن، نوابشاهه جي ميئر ۽ اعليٰ اهلڪارن صدر جو استقبال ڪيو.