اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مدينه منوره جو دورو ڪيو ۽ مسجد نبوي ۾ حاضري ڀري نماز ادا ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته 12 پرڏيهي وزيرن جي مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف ٻطرفي ۽ چار ڌريي ملاقاتن کانپوءِ گذريل رات مغرب کان اڳ مدينه منوره …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو مدينه منوره جو دورو، مسجد نبوي ۾ حاضري ڀري نماز ادا ڪئي

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مدينه منوره جو دورو ڪيو ۽ مسجد نبوي ۾ حاضري ڀري نماز ادا ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته 12 پرڏيهي وزيرن جي مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف ٻطرفي ۽ چار ڌريي ملاقاتن کانپوءِ گذريل رات مغرب کان اڳ مدينه منوره پهتس. هن چيو ته مدينه منوره پهچڻ تي جبل احد تي حاضري ڀري ۽ مسجد نبوي ۾ روضه رسول ﷺ تي سلام پيش ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته هن پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي، قوم جي مسلسل ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هن مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ استقامت جي لاءِ پڻ دعا ڪئي ۽ هنن مشڪل حالتن ۾ عالمي برادري جي وچ ۾ دانشمندي ۽ تعاون جي فروغ سان گڏوگڏ پائيدار امن ۽ گڏيل خوشحالي نصيب ٿئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار 18 کان 19 مارچ تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ عرب – اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ تازي علائقائي صورتحال تي غور ڪيو ويو. سعودي عرب جي ميزباني ۾ منعقد اجلاس ۾ سعودي عرب، پاڪستان، آذربائيجان، بحرين، مصر، اردن، ڪويت، لبنان، قطر، شام، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.











