اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) شوال 1447هه جو چنڊ نظر نه آيو، عيدالفطر ڇنڇر ڏينهن 21 مارچ تي ٿيندي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو جڏهن ته زونل هلال ڪميٽين جا اجلاس سڄي ملڪ ۾ پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل جاين تي ٿيا. اجلاس ۾ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جا ميمبر شريڪ ٿيا. موسميات کاتي ۽ اسپارڪو سميت …
شوال 1447هه جو چنڊ نظر نه آيو، عيدالفطر ڇنڇر 21 مارچ تي ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) شوال 1447هه جو چنڊ نظر نه آيو، عيدالفطر ڇنڇر ڏينهن 21 مارچ تي ٿيندي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو جڏهن ته زونل هلال ڪميٽين جا اجلاس سڄي ملڪ ۾ پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل جاين تي ٿيا. اجلاس ۾ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جا ميمبر شريڪ ٿيا. موسميات کاتي ۽ اسپارڪو سميت ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي ماهرن ۽ عملي رويت هلال ڪميٽي جي معاونت ڪئي. سڄي ملڪ مان ملندڙ شهادتن کي نظر ۾ رکندي مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به شوال 1447هه جو چنڊ نظر نه آيو ان لاءِ عيدالفطر 21 مارچ تي ٿيندي. مولانا محمد عبدالخبير آزاد جو پريس ڪانفرنس دوران چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪٿان به چنڊ نظر اچڻ جي ڪا شهادت نه ملي. هن چيو ته نار ۽ ايران سميت سڄي مسلمان امت تي اسرائيلي جنگ مڙهيل آهي، الله ان ظالم دشمن کان ڇوٽڪارو ڏياري، الله پاڪستان جي حفاظت فرمائي، الله کان دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان جي فوج ۽ فيلڊ مارشل جي پڻ حفاظت فرمائي. هن چيو ته اسان کي پوري اتحاد ۽ اتفاق سان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. الله تعاليٰ اسان جي رمضان المبارڪ جون عبادتون قبول فرمائي ۽ ڪوتاهي معاف ڪري. مذهبي معاملن واري وزارت ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.











