صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان ۽ خطي جي ٻين حصن ۾ نوروز ملهائيندڙن کي دلي مبارڪون

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ خطي جي ٻين حصن ۾ نوروز ملهائيندڙن کي دلي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته جئين ئي موسم بهار جي شروعات ٿي رهي آهي مون کي اميد آهي ته اهو موقعو ان ڏهاڙي کي ملهائيندڙن جي لاءِ امن، استحڪام ۽ اميد جو پيغام کڻي ايندو. صدر آصف علي زرداري نوروز جي موقعي تي پنهنجي پيغام …

اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ خطي جي ٻين حصن ۾ نوروز ملهائيندڙن کي دلي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته جئين ئي موسم بهار جي شروعات ٿي رهي آهي مون کي اميد آهي ته اهو موقعو ان ڏهاڙي کي ملهائيندڙن جي لاءِ امن، استحڪام ۽ اميد جو پيغام کڻي ايندو. صدر آصف علي زرداري نوروز جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون پاڪستان ۽ خطي جي انهن سمورن علائقن ۾ جتي نوروز ملهايو وڃي ٿو، ان قديم ڏڻ جي موقعي تي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جيڪو بهار جي آمد جي نويد آڻي ٿو. هن چيو ته ايران، وچ ايشيا، اولهه ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ لاڳاپيل خطن ۾ صدين کان نوروز کي هڪ نئين موسم جي شروعات جي طور تي ملهايو ويندو رهيو آهي، اهو فطري نظام ۾ سال جي بدلجڻ جو اشارو آهي، جڏهن ڏينهن ۽ رات، روشني ۽ اونداهي نه رڳو توازن ۾ اچن ٿا پر اونداهي گهٽ ٿئي ٿي ۽ روشني وڌڻ لڳي ٿي. صدر چيو ته جيڪي قومون ان کي ملهائين ٿيون، انهن جي لاءِ هي ڏينهن تجديد، نئين سر پيدائش، تازگي ۽ روشني جي اونداهي ۽ زندگي جي موت تي فتح جي علامت رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان مختلف ثقافتون، مذهب ۽ روايتون رکندڙ هڪ ملڪ آهي، مختلف برادريون پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پنهنجا ڏهاڙا ملهائين ٿيون جيڪي اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن جي رنگن ۾ اضافو ڪن ٿا. صدر چيو ته هن سال جڏهن نوروز اچي رهيو آهي ته اسان جون سوچون ۽ دعائون خطي جي انهن ماڻهن سان به گڏ آهن جيڪي مشڪل ۽ تڪيلف وارين حالتن ۾ بهار جو استقبال ڪري رهيا آهن، انهن علائقن ۾ جتي ڏڻ ڊگهي عرصي کان تجديد جي علامت رهيو آهي، هاڻي هي موسم ٽٽل اسڪولن ۽ اسپتالن جي ڍير ۽ تشدد جي باقي رهجي ويل اثرن جي وچ ۾ اچي ٿو. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن بهار خوشي آڻي ٿي، ڪيترائي خاندان نقصان ۽ غيريقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته نوروز جي ڪجهه علائقن ۾ بهار جا گل ملبي ۽ رت سان ڍڪيل آهن ۽ بارود جي ڌپ انهن گلن جي خوشبو تي غالب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جتي صدين کان نوروز ملهايو ويندو رهيو آهي، هڪ ناجائز طالبان حڪومت ماڻهن کي ان ڏهاڙي کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي، افغانستان جي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي ڊگهي عرصي کان مشڪلاتن جو شڪار آهن، آئون خاص طور تي نوروز جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته هي نوروز انهن جي ڊگهي اونداهي واري رات جي خاتمي جو سبب بڻجندو.