وزيراعظم شهباز شريف جو اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه سان ٽيليفونڪ رابطو، وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جڏهن ته وزيراعظم اردن تي حملن جي سخت مذمت ڪندي اردن جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه …

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جڏهن ته وزيراعظم اردن تي حملن جي سخت مذمت ڪندي اردن جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران شاهه عبدالله ٻه، شاهي خاندان ۽ اردن جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. شاهه عبدالله ٻه پڻ انهي جذبي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت ۾ امن، اتحاد ۽ هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. علائقائي ڇڪتاڻ دوران اردن تي حملن جي سخت مذمت ڪندي وزيراعظم اردن جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسئلن جي سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم گذريل نومبر ۾ شاهه عبدالله ٻه جي پاڪستان جي دوري کي خوشگوار انداز ۾ ياد ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ اردن سان ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.