اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته روانگي واپار سهولت اسڪيم جي مدت ۾ واڌ سان روانگي واپار ڪندڙن جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي روانگي واپار ڪندڙن کي فائدو پهچندو. ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم (اي يف ايس) تحت استعمال جي مدت کي …
روانگي واپار سهولت اسڪيم جي مدت ۾ واڌ سان روانگي واپار ڪندڙن جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي: بلال اظهر ڪياني

مزید خبریں
اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته روانگي واپار سهولت اسڪيم جي مدت ۾ واڌ سان روانگي واپار ڪندڙن جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي روانگي واپار ڪندڙن کي فائدو پهچندو. ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم (اي يف ايس) تحت استعمال جي مدت کي 9 مهينن مان وڌائي 18 مهينا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ روانگي واپار ڪندڙ گُهرايل خام مال تي زيرو ڊيوٽي ۽ آمدني واپار جي مرحلي جي ٽيڪسن کان ڇوٽ حاصل ڪري سگهن شرط اهو آهي ته ان کي 18 مهينن اندر استعمال ڪن، پهرين اها مدت 9 مهينا هئي. ان چيو ته ان واڌ سان روانگي واپار ڪندڙن جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ڪندڙن کي فائدو پهچندو. مملڪتي وزير چيو ته 18 مهينن جي مدت کان پوءِ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ به ڪيس ٽو ڪيس بنياد تي هڪ ڪميٽي ذريعي ڏئي سگهبي، ان سان گڏوگڏ هر ڇهن مهينن کانپوءِ مفاهمتي اسٽيٽمينٽ جمع ڪرائڻ جي شرط اسڪيم جي غلط استعمال کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو. مملڪتي وزير چيو ته ايف بي آر ۽ واپار واري وزارت جي ساٿين ۽ نجي شعبي جي ڀائيوارن جا ٿورائتا آهيون جن ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۾ گڏجي ان پاليسي تبديلي جون سفارشون تيار ڪيون جيڪي وزيراعظم کي پيش ڪيون ويون. هن چيو ته ڪميٽي پنهنجون سفارشون جوڙڻ کان پهرين ماضيءَ جي اي ايف ايس ڊيٽا ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي چٽاڀيٽي معيارن جو تفصيلي جائزو ورتو آهي، پاليسي تبديليءَ کان اڳ اي ايف ايس استعمال ڪندڙن جي ان پٽ سامان جي ڪل 7932 گڊز ڊڪليئريشنز اهڙيون هيون جيڪي مقرر 9 مهينن جي مدت کان چڙهي ويون آهن هاڻ 18 مهينن جي نئين مدت جي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ اهي سموريون گڊز ڊڪليئريشن ٻيهر ڊپازٽ جي رقم جي پاڻمرادو بحالي ان حد تائين هوندي جيترو ماليت جو سامان استعمال ٿي روانگي واپار ٿي چڪو هجي، ان سان روانگي واپار ڪندڙن جو وقت بچندو. اي ايف ايس صارفين کي ريگيوليٽري ڪليڪٽر جي فيصلن خلاف چيف ڪليڪٽر وٽ اپيل جو حق به ڏنو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت روانگي واپار تي ٻَڌل، نجي شعبي جي قيادت ۾ ۽ پائيدار معاشي ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.











