وزيراعظم شهباز شريف پاران هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت جي قدمن کي اختيار ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت جي قدمن کي اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪندي صوبن سان گڏجي هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٻارڻ جي بچت ۽  ڪفايت شعاري جي …

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت جي قدمن کي اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪندي صوبن سان گڏجي هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٻارڻ جي بچت ۽  ڪفايت شعاري جي قدمن جي لاڳو جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽرولي واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي ملڪ ۾ موجوده ذخيرن، کپت ۽ ڪارگوز تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جو مناسب ذخيرو موجود آهي ۽ وڌيڪ به انتظام ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي وقت سر عملي قدمن ۽ هدايتون جاري ڪرڻ سان ٻارڻ جي ذخيرن جي حوالي سان انتظام ڪيا ويا. بريفنگ موجب وچ اوڀر ۽ خطي جي غيرمستحڪم صورتحال جي ڏس ۾ جنهن جي ڪري ٻارڻ جي پهچ شديد متاثر ٿي سگهي ٿي، کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ بچت جا وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. وزيراعظم اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته صوبن سان گڏجي هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. اجلاس کي ڪفايت شعاري ۽ بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته بچت ۽ ڪفايت شعاري جي پاليسي اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ عوام کي ريليف مهيا ڪرڻ ممڪن ٿيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران جاري ڪيل هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. انٽيليجنس بيورو پاران نگراني پڻ ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم زور ڏنو ته اشرافيه اڳتي وڌي ايثار ۽ قرباني جي جذبي کي اختيار ڪندي بچت ۽ ڪفايت شعاري جو مثال قائم ڪري. اجلاس کانپوءِ جاري پڌرائي موجب حڪومت عوام کي پيٽرول ۽ ڊويزل جي بچت جي قدمن کي اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي ته جيئن ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي دستيابي متاثر ٿيڻ جي خطري کان بچي سگهجي. اجلاس جي پڌرائي موجب هر ممڪن صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهڻو پوندو ۽ بدلجندڙ حالتن موجب طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو. پڌرائي ۾ پيٽرول بچائڻ جي لاءِ ڪار پولنگ اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ته جيئن چرپر گڏيل طور ڪرڻ سان بچت ٿي سگهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته غيرضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي ۽ تيل بچائڻ جي لاءِ اچ وڃ کي محدود رکيو وڃي. وزيراعظم حالتن جي بهتري تائين سمورن لاڳاپيل ادارن کي هنگامي قدمن جي لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ موجب سموري صورتحال جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ پيٽروليم مصنوعات جو رڪارڊ رکيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي بي قاعدگي جي فوري نشاندهي ٿي سگهي ۽ خاتمي جي لاءِ قدم کڻي سگهجن.