وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪ صدر سان ٽيليفونڪ رابطو، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ذريعي علائقائي صورتحال جي حل تي اتفاق

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه زور ڏنو آهي ته علائقائي صورتحال جو حل رڳو ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ئي ممڪن آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انتهائي گرمجوش ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم صدر اردوان، سندس گهرڀاتين …

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه زور ڏنو آهي ته علائقائي صورتحال جو حل رڳو ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ئي ممڪن آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انتهائي گرمجوش ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم صدر اردوان، سندس گهرڀاتين ۽ ڀائر ترڪ عوام کي عيد جي دلي مبارڪباد ڏني جنهن جو صدر اردوان پڻ والهاڻو جواب ڏنو. عيد جي مبارڪباد جي مٽاسٽا کانسواءِ ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت جي لاءِ امن، اتحاد ۽ خوشحالي جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ خاص طور تي ترڪيه تي ميزائيل حملن جي مذمت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پوري پاڪستاني قوم ان مشڪل حالتن ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته  علائقائي صورتحال جو حل رڳو ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ئي ممڪن آهي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ امن جي فروغ جي لاءِ ۽ خاص طور تي عيد جي ڏهاڙن دوران تازو ئي اعلان ڪيل عارضي جنگبندي جي حوالي سان ترڪيه جي تعميري ڪردار جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم فيبروري 2025ع ۾ صدر اردوان جي تاريخي پاڪستان جي دوري ۽ ان کانپوءِ اپريل ۽ مئي 2025ع ۾ پنهنجي ترڪيه جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد ۽ علائقائي تعاون جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.