پاڪستان پاران ڀارت ۾ اسرائيلي سفير جا الزام سختي سان رد

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ اسرائيلي سفير جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته حقيقي جارحيت اسرائيل جي غيرقانوني قبضي ۽ غزه ۾ انساني بحران مان واضح آهي، اسرائيلي قيادت جي خلاف عالمي عدالتن ۾ ڪيس ۽ عالمي رڪارڊ سڀني جي سامهون آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڀارت ۾ اسرائيلي سفير جي هڪ وڊيو …

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ اسرائيلي سفير جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته حقيقي جارحيت اسرائيل جي غيرقانوني قبضي ۽ غزه ۾ انساني بحران مان واضح آهي، اسرائيلي قيادت جي خلاف عالمي عدالتن ۾ ڪيس ۽ عالمي رڪارڊ سڀني جي سامهون آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڀارت ۾ اسرائيلي سفير جي هڪ وڊيو ڪلپ بابت ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته اسان ان بي بنياد تاثر کي سختي سان رد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته جارحيت ۽ غيرذميواراڻي طرز عمل جو اصل رڪارڊ غيرقانوني قبضي، غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ اسرائيلي قيادت جي خلاف عالمي عدالتن ۾ لاڳو فرد جرم مان واضح آهي. هن چيو ته ذميوار رياستون عالمي قانون جي  پاسداري ڪنديون آهن نه ڪي ان تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن.