پاڪستان پاران آمريڪي عهديدار جي پاڪستان جي ميزائيل صلاحيتن کي امڪاني خطري بابت تازي دعويٰ واضح انداز ۾ رد

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان هڪ آمريڪي عهديدار جي پاڪستان جي ميزائيل صلاحيتن کي امڪاني خطري بابت تازي دعويٰ کي واضح انداز ۾ رد ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان جون اسٽريٽجڪ صلاحيتون نج دفاعي نوعيت رکندڙ آهن جن جو مقصد قومي خودمختياري جو تحفظ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. پاڪستان جي ميزائيل پروگرام بابت آمريڪا جي …

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان هڪ آمريڪي عهديدار جي پاڪستان جي ميزائيل صلاحيتن کي امڪاني خطري بابت تازي دعويٰ کي واضح انداز ۾ رد ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان جون اسٽريٽجڪ صلاحيتون نج دفاعي نوعيت رکندڙ آهن جن جو مقصد قومي خودمختياري جو تحفظ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. پاڪستان جي ميزائيل پروگرام بابت آمريڪا جي قومي انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جي بيان تي پاڪستان جي ردعمل بابت ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان جو ميزائيل پروگرام، جيڪو بين البراعظميٰ حد مار کان تمام گهٽ آهي، ڀارت جي مقابلي ۾ قابل اعتبار گهٽ کان گهٽ بازدار قوت جي نظريي تي مضبوطي سان قائم آهي، ان جي ابتڙ ڀارت پاران 12000 ڪلوميٽر کان وڌيڪ حد مار رکندڙ ميزائيل صلاحيتن جي ترقي هڪ اهڙي رجحان جو عڪاس آهي جيڪو علائقائي سلامتي جي گهرجن سان اڳتي وڌي ٿو ۽ بنا ڪنهن شڪ جي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان آمريڪا سان گڏيل احترام، عدم امتياز ۽ حقيقتن تي ٻڌل طرزعمل جي بنياد تي تعميري رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان هڪ متوازن ۽ سوچيل سمجهيل انداز نظر جي ضرورت تي زور ڏيون ٿا جيڪو ڏکڻ ايشيا جي اسٽريٽجڪ ضرورتن سان هم آهنگ هجي ۽ پوري خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ ۾ مددگار هجي.