اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي راڻا ابرار خالد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته راڻا ابرار خالد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، بيمار رهڻ دوران ساڻس مسلسل رابطو …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينيئر صحافي راڻا ابرار خالد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي راڻا ابرار خالد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته راڻا ابرار خالد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، بيمار رهڻ دوران ساڻس مسلسل رابطو رهيو، مرحوم باوقار ۽ ذميوار صحافي هو جنهن پيشيواراڻي ديانتداري سان صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. مرحوم جو لاڏاڻو صحافي برادري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.











