پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان

اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1551.88 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 152740.37 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي. 153 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت ۾ اضافو، 261 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 155 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ …

اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1551.88 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 152740.37 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي. 153 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت ۾ اضافو، 261 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 155 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪل 326.66 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي ماليت 19.39 ارب روپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 681.25 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 46223.61 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2553.50 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 219130.92 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 3.635 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا.