اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن جي فراهمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جو فروغ صنعت، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، فائيو جي اسپيڪٽرم لائيسنس جي نيلامي انتهائي شفاف انداز ۾ ڪئي وئي آهي، چين ۽ پاڪستان جي دوستي منفرد آهي، دوستي جي هڪ اهم …
جديد ٽيڪنالاجي جو فروغ صنعت، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن جي فراهمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جو فروغ صنعت، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، فائيو جي اسپيڪٽرم لائيسنس جي نيلامي انتهائي شفاف انداز ۾ ڪئي وئي آهي، چين ۽ پاڪستان جي دوستي منفرد آهي، دوستي جي هڪ اهم جهلڪ اها جديد ٽيڪنالاجي آهي، نوجوان جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي آءِ ٽي شعبي ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ”فائيو – جي“ اسپيڪٽرم جا لائيسنس جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن ۽ آءِ ٽي جي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم فائيو جي اسپيڪٽرم جي ڪامياب نيلامي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ سندس پوري ٽيم ۽ لائيسنس حاصل ڪندڙ ٽيلي ڪام آپريٽرز کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، ٽيڪنالاجي جو فروغ پاڪستان جي صنعت، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ عوام کي ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي، فائيو جي اسپيڪٽرم لائيسنس جي انتهائي شفاف انداز ۾ نيلامي ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ پي آءِ اي جي پڻ شفافيت سان نجڪاري ڪئي وئي. قانوني چئلينجن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته زونگ ۽ ٻين حصيدار ٽيلي ڪام آپريٽرز جي تعاون کي پڻ ساراهيون ٿا، اميد آهي ته اهي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ان ٽيڪنالاجي کي عوام تائين پهچائيندا. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي منفرد آهي ۽ دوستي جي هڪ اهم جهلڪ اها جديد ٽيڪنالاجي آهي. هن چيو ته نوجوان اي آءِ سميت جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي آءِ ٽي شعبي ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته اها ڪاميابي وزيراعظم جي قيادت ۾ مڪمل ٽيم ورڪ سان ممڪن ٿي آهي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو فائيو جي سروس متعارف ڪرائي وئي آهي، شهرين کي بهترين فور جي سروسز فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مجموعي طور تي انٽرنيٽ جو معيار بهتر ٿيندو، فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي. پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ موبائيل فون ٽيڪنالاجي جي ترقي جي شروعات 90ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ٿي، 2004ع کان 2025ع تائين اسپيڪٽرم جي حوالي سان چار نيلاميون ڪيون ويون آهن، اسپيڪٽرم جي شفاف انداز ۾ نيلامي ٿي ۽ لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستان خطي ۾ اسپيڪٽرم جي صلاحيت جي حوالي سان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. تقريب ۾ ٽيلي ڪام اٿارٽي ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز جاز، يوفون ۽ زونگ جي وچ ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم لائيسنس جي لاءِ صحيحون ڪيون ويون. لائيسنس جاري ڪرڻ کانپوءِ ٽئي ڪمپنيون ملڪ ۾ باقاعده طور تي فائيو جي جي سروسز جي شروعات ڪري سگهنديون جنهن سان صارفين کي تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ جديد ڊيجيٽل سهولتون ملنديون ۽ ڊيجيٽل سروسز، ڪاروبار ۽ آن لائين معيشت کي فروغ ملندو.











