نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ عرب -اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت

رياض – 19 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ عرب-اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ تازي علائقائي صورتحال تي غور ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب سعودي عرب جي ميزباني ۾ منعقد اجلاس ۾ آذربائيجان، بحرين، مصر، اردن، ڪويت، لبنان، قطر، شام، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن …

رياض – 19 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ عرب-اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ تازي علائقائي صورتحال تي غور ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب سعودي عرب جي ميزباني ۾ منعقد اجلاس ۾ آذربائيجان، بحرين، مصر، اردن، ڪويت، لبنان، قطر، شام، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران نائب وزيراعظم خطي جي سمورن ڀائر ملڪن جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سياسي آزادي جي لاءِ مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي سرزمين جي خلاف سمورن حملن جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم مسلمان امت جي اتحاد جي اهميت کي اجاگر ڪندي جاري تڪرار جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار وسيع تر خطي کي متاثر ڪندڙ موجوده بحران جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي اسرائيل پاران علائقائي ملڪن جي خلاف جاري جارحيت ۽ اشتعال انگيزين جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن شهرين جي خلاف بنا جواز حملن سان گڏوگڏ توانائي ۽ اهم بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جي پڻ مذمت ڪئي ۽ اهڙن سمورن قدمن جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته اهڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي خطي ۽ ان کان ٻاهر توانائي جي تحفظ کي متاثر ڪري سگهن ٿا ۽ عالمي معاشي چئلينجز کي وڌيڪ وڌائي سگهن ٿا. نائب وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي بحران جي حل لاءِ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان علائقائي سلامتي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. اجلاس جي پڄاڻي تي عرب- اسلامي ملڪن هڪ گڏيل پڌرنامو پڻ جاري ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوري دوران حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود کي ڀرپور يڪجهتي ۽ مُسلسل حمايت جو پيغام پڻ پهچايو. وزارتي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون جن ۾ تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مصر، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن جي چار ملڪي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي جيڪو ان موقعي تي منعقد ٿيو.