راولپنڊي-19 مارچ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪالهه عالم سڳورن جي اهم ڪردار تي زور ڀريندي چيو آهي ته هو اتحاد کي مضبوط ڪن ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪن. مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد وڌائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏنو ويندو، دهشتگردن ۽ سندن ڍانچي جي خاتمي لاءِ درست ۽ انٽيليجنس بنياد تي ڪارروايون ڪيون وينديون. خميس …
عالم سڳورا اتحاد کي مضبوط بڻائي انتهاپسندي جو مقابلو ڪن: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي-19 مارچ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪالهه عالم سڳورن جي اهم ڪردار تي زور ڀريندي چيو آهي ته هو اتحاد کي مضبوط ڪن ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪن. مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد وڌائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏنو ويندو، دهشتگردن ۽ سندن ڍانچي جي خاتمي لاءِ درست ۽ انٽيليجنس بنياد تي ڪارروايون ڪيون وينديون. خميس ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهل تشيح مڪتب فڪر جي عالم سڳورن هتي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي سلامتي ۽ معاشرتي هم آهنگي ۾ عالم سڳورن جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فيلڊ مارشل اتحاد، بردشت ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ خاص ڪري مس انفارميشن، فرقيواراڻي بياني ۽ پرڏيهي پٺڀرائي ۾ ٿيل عدم استحڪام جي ڪوششن جو مقابلو ڪرڻ جي حوالي سان عالم سڳورن جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. آپريشن غضب للحق جو حوالو ڏيندي هن زور ڀريو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين خلاف دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال کي هرگز برداشت نه ڪندو. هن دهشتگردن ۽ سندن ڍانچي کي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته چاهي اهي ڪٿي به موجود هجن، ۽ انهن لاءِ درست ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون ڪيون وينديون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته افغان طالبان پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪين. فيلڊ مارشل شرڪت ڪندڙن کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ فعال سفارتڪاري کان به آگاهه ڪيو. هن عالم سڳورن جي اهم ڪردار تي زور ڀريو ته هو اتحاد کي مضبوط ڪن ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪن، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد وڌائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ڪنهن ٻي ملڪ ۾ پيش آيل واقعن جي بنياد تي پاڪستان ۾ تشدد هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. عالم سڳورن امن ۽ استحڪام جي خواهش جو اظهارڪيو ۽ مذهب جي نالي تي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي، هنن ملڪ ۾ امن امان جي قيام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي.











