اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) ٽيڪنالاجي سروس ڪمپني زونگ باضابطه طور تي فائيو جي لائسنس حاصل ڪري ورتو آهي ۽ اسلام آباد، راولپنڊي، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت 16 کان وڌيڪ شهرن ۾ پنهنجي فائيو - جي سروسز جي ڪمرشل شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي، جدت ۽ معاشي تيزي جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪندي، زونگ 2026ع دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فائيو …
پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيش جي نئين دور جي شروعات، زونگ فائيو – جي سروسز جي 16 شهرن ۾ ڪمرشل فراهمي شروع

مزید خبریں
اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) ٽيڪنالاجي سروس ڪمپني زونگ باضابطه طور تي فائيو جي لائسنس حاصل ڪري ورتو آهي ۽ اسلام آباد، راولپنڊي، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت 16 کان وڌيڪ شهرن ۾ پنهنجي فائيو – جي سروسز جي ڪمرشل شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي، جدت ۽ معاشي تيزي جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪندي، زونگ 2026ع دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فائيو جي سائيٽس لڳائڻ ۽ اپ گريڊيشن جو اسٽريٽجڪ عزم ظاهر ڪيو آهي جنهن سان پاڪستان جي ڊجيٽل ايڪو سسٽم ۾ سگهه، اسپيڊ ۽ اثرن ۾ اضافو ٿيندو. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب اها لانچ پاڪستان کي هڪ جامع، انٽيليجنٽ ۽ مڪمل ڊجيٽل مستقبل طرف وڃڻ جي عزم جي عڪاسي آهي. اها زونگ جي ان سفر جي تڪميل آهي جيڪو 2019ع ۾ پاڪستان جي پهرين فائيو – جي ٽرائل سان شروع ٿيو هو ۽ اڄ هڪ مضبوط فائيو – جي انفرااسٽرڪچر جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. عالمي معيار جي انفرا اسٽرڪچر جي ڪري زونگ، ٽرائلز ۾ 1.4 جي بي پي ايس کان وڌيڪ رفتار جو مظاهرو ڪيو آهي جيڪو ان کي ٽيڪنالاجي ۽ نيٽ ورڪ جدت ۾ مٿانهون بڻائي ٿو. زونگ جي فائيو جي حڪمت عملي جي مرڪز ۾ ٽي انقلاب ٿنڀ شامل آهن، بهترين ڪسٽمر تجربو اولين ترجيح آهي، جنهن تحت گهٽ ليٽنسي، اعليٰ اعتبار، مستقبل ڪارڪردگي ۽ بنا رڪاوٽ سروف فراهم ڪئي ويندي ته جيئن نيڪسٽ جنريشن جي سهولتون جهڙيون ايمير سو گيمنگ لاءِ ڪسٽمائزڊ بنڊلز، الٽرا ايڇ ڊي وڊيو اسٽريمنگ ۽ جديد ڊجيٽل طرز زندگي کي هٿي ڏئي سگهجي. زونگ مسئلن جو فوري حل ۽ ايپ، مختلف ٽچ پوائنٽس ۽ سوشل چئنلز تي هموار ۽ هڪجهڙي تجربو فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائيندو. دنيا جي سڀ کان وڏي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني چائنا موبائيل لميٽيڊ جي ذيلي ڪمپني هجڻ ناطي، زونگ عالمي مهارت ۽ جدت کي پاڪستان ۾ هڪ عالمي معيار جي ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي جوڙجڪ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو قومي ترقياتي ترجيحن موجب آهي.











