ڪوئٽه _19 مارچ (اي پي پي ) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخل چيو آهي ته والدين اسان جي سماجي نظام جو بنيادي ٿنڀ آهن. اهي پنهنجي ٻارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سندن مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪندا آهن . جيڪڏهن ٻارن کي وقت تي مناسب تعليم ۽ تربيت نه ٿي ڏني وڃي ته والدين جي محنت ۽ سيڙپڪاري ضايع ٿي وڃي ٿي . اها …
والدين اسان جي سماجي نظام جو بنيادي ٿنڀ آهن، ٻارن کي وقت تي مناسب تعليم ۽ تربيت نه ٿي ملي ته سندن محنت ضايع سگهي ٿي : بلوچستان جو گورنز

مزید خبریں
ڪوئٽه _19 مارچ (اي پي پي ) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخل چيو آهي ته والدين اسان جي سماجي نظام جو بنيادي ٿنڀ آهن. اهي پنهنجي ٻارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سندن مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪندا آهن . جيڪڏهن ٻارن کي وقت تي مناسب تعليم ۽ تربيت نه ٿي ڏني وڃي ته والدين جي محنت ۽ سيڙپڪاري ضايع ٿي وڃي ٿي . اها ڳالهه هن سمورن والدين جي نالي گورنر هائوس مان جاري پيغام ۾ چئي . هن چيو ته اڄ جي مصروف زندگي ۾ وڏو مسئلو والدين جو معاشي ۽ معاشرتي سرگرمين ۾ ان جي مونجهاري جو آهي ته هو ٻارن جي تربيت لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگهن. هو اڪثر پنهنجي ذميواري به اسڪول جي استادن کي ڏيندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ٻار عدم برداشت ۽ محرومي جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن سبب سار سنڀال ۽ ڪردار جي واڌ ويجهه جو گهربل مقصد پورو ناهي ٿيندو . سندس چوڻ هو ته والدين کي پنهنجي مصروفيت باوجود پنهنجي ٻارن لاءِ وقت ڪڍڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ٻارن کي والدين جو مناسب ڌيان، محبت ۽ موجودگي ٻين سهولتن کان وڌيڪ گهربل هوندي آهي . گورنر چيو ته والدين پنهنجي ٻارن کي ڪامياب ۽ ڪارائتو شهري بڻائڻ لاءِ سٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرائيندا آهن پر کين صرف تعليمي ادارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ دانشمندي ناهي ، ٻارن کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ کين امڪانن ۽ ضرورتن بابت معياري تعليم ۽ تربيت به ڏيڻ به ضروري آهي . هن چيو ته بيشڪ تعليم جي شروعات ڪجهه سال اسڪول وڃڻ بعد ٿيندي آهي، پر تربيت ته ماءُ جي جهولي ۾ پهرين ڏينهن کان شروع ٿي ويندي آهي ان ڪري بلند ڪردار ۽ شخصيت جي مضبوط بنياد لاءِ سٺي تعليم سان گڏوگڏ سٺي تربيت به ضروري آهي، اهڙي طرح سڀ ٻار وڏا ٿي ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا.











