ڪوئيٽه - 19 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو چيو آهي ته عيد جي موقعي تي شهرين کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اها ڳالهه هن صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪوئيٽه ۾ پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس دوران ڪئي .اجلاس ۾ آءِ جي جيل خانه …
شهرين کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين: بلوچستان جو گهرو وزير

مزید خبریں
ڪوئيٽه – 19 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو چيو آهي ته عيد جي موقعي تي شهرين کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اها ڳالهه هن صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪوئيٽه ۾ پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس دوران ڪئي .اجلاس ۾ آءِ جي جيل خانه سعيد احمد، ايڊيشنل آءِ جي آغا يوسف، ڊي آءِ جي ڪوئيٽا ۽ ڊي آءَ جي سي ٽي ڊي اعتزاز گورايه سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ چنڊ جي رات ۽ عيدالفطر جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. گهرو وزير جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حمزه شفقت سيڪيورٽي صورتحال تي جامع تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ چنڊ جي رات، عيدگاهن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ خصوصي پلان به ترتيب ڏنو ويو . گهرو وزير مير ضيا الله لانگو چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا جوان بهادري ۽ جرئت سان دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ تازن واقعن جي روڪ ٿام ۾ پوليس پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو . هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن . امن امان جي بحالي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ پاڪ فوج ، ايف سي ۽ پوليس سميت سمورا ادارا ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن . گهرو وزير هدايت ڪئي ته عيد جي موقعي تي سمورن ضلعن ۾ سيڪيورٽي پلان تي عملدرآمد هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.











