گڏيل عرب امارات پاران ايران جي گيس فيلڊ تي اسرائيلي حملي جي مذمت

ابوظهبي _19 مارچ (اي پي پي ) گڏيل عرب امارات ايران جي گيس جي ٺڪاڻن تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪندي ان کي آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو ته توانائي جي مرڪز تي ان نوعيت جا حملا عالمي سطح تي توانائي بابت معاملن جي سلامتي تي حملا  آهن . ان …

ابوظهبي _19 مارچ (اي پي پي ) گڏيل عرب امارات ايران جي گيس جي ٺڪاڻن تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪندي ان کي آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو ته توانائي جي مرڪز تي ان نوعيت جا حملا عالمي سطح تي توانائي بابت معاملن جي سلامتي تي حملا  آهن . ان نوعيت جي حملن جي ماحولياتي اعتبار کان به بدترين اثر پوندا ، جنهن سان شهرين جي صحت ۽ حياتين کي خطرو ٿيندو . خاص ڪري سمنڊ ۾ سفر ۽ اچ وچ به متاثر ٿيندو . واضع رهي ته ايران اها گيس فيلڊ قطر سان شيئر ڪندو آهي.