بار ڪائونسلز جي مضبوطي انصاف جي اثرائتي نظام لاءِ اڻٽر آهي: قانون وارو وفاقي وزير

اسلام آباد -19 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته بار ڪائونسلز حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن ۽ انهن جي مضبوطي انصاف جو اثرائتو نظام قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي، وفاقي حڪومت بار ڪائوسلز جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ترجمان مطابق اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن خيبرپختونخوا بار ڪائونسل جي وفد سان ملاقات …

اسلام آباد -19 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته بار ڪائونسلز حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن ۽ انهن جي مضبوطي انصاف جو اثرائتو نظام قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي، وفاقي حڪومت بار ڪائوسلز جي ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ترجمان مطابق اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن خيبرپختونخوا بار ڪائونسل جي وفد سان ملاقات دوران چئي، جنهن ۾ وڪيلن جي ڀلائي ۽ بار ڪائونسل جي جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن لاءِ حڪومتي سهڪار وڌائڻ، وڪيلن کي درپيش مسئلن جي حل ۽ کين بهتر سهولتن جي فراهمي بابت معاملا غور هيٺ آيا. قانون بابت وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ وڪيلن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته انصاف جي نظام ۾ بار ڪائونسلز جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ حڪومت ان ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ عملي قدم جاري رکندي.