ملڪ ۾ ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي خريداري ۽ ادائيگين ۾ اضافو رڪارڊ

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي خريداري ۽ ادائيگين ۾ فيبروري دوران ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن مطابق فيبروري ۾ صارفين ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي 190 ارب روپين جي خريداري ۽ ادائيگيون ڪيون جيڪي گذريل سال فيبروري جي ڀيٽ ۾ 31.6 سيڪڙو وڌيڪ آهن، گذريل سال فيبروري ۾ صارفين ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي 144 ارب روپين …

اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي خريداري ۽ ادائيگين ۾ فيبروري دوران ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن مطابق فيبروري ۾ صارفين ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي 190 ارب روپين جي خريداري ۽ ادائيگيون ڪيون جيڪي گذريل سال فيبروري جي ڀيٽ ۾ 31.6 سيڪڙو وڌيڪ آهن، گذريل سال فيبروري ۾ صارفين ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي 144 ارب روپين جي خريداري ۽ ادائيگيون ڪيون هيون. جنوري جي ڀيٽ ۾ فيبروري ۾ ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي خريداري ۽ ادائيگين ۾ ماهوار بنيادن تي 3.1 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. جنوري ۾ صارفين ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي 184 ارب روپين جي خريداري ۽ ادائيگيون ڪيون جيڪي فيبروري ۾ وڌي 190 ارب روپيا ٿي ويون.