اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ماضي وانگر هن ڀيري به عمران خان جي عيد جي ڏينهن ٻارن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي ويندي، عمران خان جا ٻار پاڪستاني شهري هجڻ جي ناطي نائيڪوپ جي ذريعي پاڪستان اچي سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ انهن کي پاڪستاني ويزا جي ضرورت ناهي هوندي. سماجي رابطي جي …
ماضي وانگر هن ڀيري به عمران خان جي عيد جي ڏينهن ٻارن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي ويندي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ماضي وانگر هن ڀيري به عمران خان جي عيد جي ڏينهن ٻارن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي ويندي، عمران خان جا ٻار پاڪستاني شهري هجڻ جي ناطي نائيڪوپ جي ذريعي پاڪستان اچي سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ انهن کي پاڪستاني ويزا جي ضرورت ناهي هوندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جمائما گولڊ سمٿ جي پوسٽ جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جا ٻار پاڪستان ۾ قيام دوران پاڪستاني قانونن جي مڪمل پاسداري جا پابند هوندا. واضح رهي ته جمائما گولڊ سمٿ پنهنجي پٽن جي پاڪستان اچڻ جي لاءِ ويزا درخواست تي دير بابت پوسٽ ڪئي هئي.











