پاڪستان حڪومت پاران افغانستان ۾ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشن ”غضب الحق“ ۾ عارضي وقفي جو اعلان

اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي مددگار انفراسٽرڪچر جي خلاف جاري آپريشن ”غضب الحق“ ۾ عارضي وقفي جو اعلان ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي ڪيل هڪ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ اسلامي ڏهاڙي عيدالفطر جي ڏس ۾ پاڪستان حڪومت پنهنجي پاران قدم کڻندي ۽ ڀائر اسلامي …

اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي مددگار انفراسٽرڪچر جي خلاف جاري آپريشن ”غضب الحق“ ۾ عارضي وقفي جو اعلان ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي ڪيل هڪ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ اسلامي ڏهاڙي عيدالفطر جي ڏس ۾ پاڪستان حڪومت پنهنجي پاران قدم کڻندي ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سعودي عرب، قطر ۽ جمهوريه ترڪيه جي درخواست تي افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي مددگار انفراسٽرڪچر جي خلاف جاري ”آپريشن غضب الحق“ ۾ عارضي وقفي جو فيصلو ڪيو آهي. اهو وقفو 18 ۽ 19 مارچ جي وچ واري رات کان 23 ۽ 24 مارچ 2026ع جي وچ واري رات تائين موثر رهندو. پاڪستان اهو قدم نيڪ نيتي ۽ اسلامي قدرن موجب کڻي رهيو آهي جڏهن ته ڪنهن به سرحد پار حملي، ڊرون حملي يا پاڪستان جي اندر ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي جي صورت ۾ ”آپريشن غضب الحق“ فوري طور تي نئين سر شدت سان ٻيهر شروع ڪيو ويندو.