آپريشن  ”غضب الحق“ دوران فتنه الخوارج/ افغان طالبان جا 707 دهشتگرد ماريا ۽ 938 کان وڌيڪ زخمي ٿيا: اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي آپريشن ”غضب الحق“ جي حوالي سان ايڪس پوسٽ

اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) آپريشن  ”غضب الحق“ دوران 18 مارچ 2026ع جي شام 7 وڳي (سيز فائر جي اعلان) تائين فتنه الخوارج/ افغان طالبان جا 707 دهشتگرد ماريا ۽ 938 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن ”غضب الحق“ دوران افغان طالبان جون 255 چيڪ پوسٽون تباهه ٿيون …

اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) آپريشن  ”غضب الحق“ دوران 18 مارچ 2026ع جي شام 7 وڳي (سيز فائر جي اعلان) تائين فتنه الخوارج/ افغان طالبان جا 707 دهشتگرد ماريا ۽ 938 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن ”غضب الحق“ دوران افغان طالبان جون 255 چيڪ پوسٽون تباهه ٿيون جڏهن ته 44 چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪيو ويو. اهڙي طرح 237 ٽينڪ، بڪتربند گاڏيون ۽ توپون تباهه ڪيون ويو. افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ انهن جي مددگار انفراسٽرڪچر جي 81 جاين کي فضائي ڪارروائي ۾ موثر طريقي سان نشانو بڻايو ويو. 16 مارچ جي رات پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪابل ۽ ننگرهار ۾ افغان فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. انهن ڪاررواين دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪابل ۽ ننگرهار ۾ ڊرون اسٽوريج، ٽيڪنيڪي معاونت جو مرڪز ۽ هٿيارن ۽ ساز و سامان جي ذخيري جا ٺڪاڻا به تباهه ڪري ڇڏيا جنهن کي افغان طالبان ۽ دهشتگرد عنصر پاڪستان جي معصوم شهرين جي خلاف استعمال ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح پاڪستان جي هٿياربند فوج باجوڙ، ڪرم، تورخم، خيبر، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سيڪٽرز ۾ افغان طالبان جي چوڪين کي موثر انداز ۾ نشانو بڻائي تباهه ڪيو. جاري ڪيل وڊيو ۾ پاڪستان پاران انهن ٺڪاڻن، چوڪين ۽ دهشتگرد ڪئمپن جي خلاف ڪيل صحيح ۽ هدفي ڪارروائي جي جهلڪ ڏيکاري وئي آهي جيڪي افغان سرزمين تان دهشتگردي جي سڌوسنئون يا اڻسڌي طرح معاونت ڪري رهيا هئا. افغان حڪومت ۽ ميڊيا جي ڪجهه حصن پاران ڪوڙين دعوائن جي ابتڙ انهن ڪاررواين دوران ڪنهن به شهري آبادي يا سول انفراسٽرڪچر کي نشانو ناهي بڻايو ويو.