پاڪ فوج جي پاڪ- افغان سرحد تي اُتر وزيرستان ۾ وقت سر ڪارروائي، ڪيترائي افغان طالبان مارجي ويا

راولپنڊي-18 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج پاڪ- افغان سرحد تي اُتر وزيرستان ۾ وقت سر ڪارروائي ڪندي دخل اندازي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جنهن ۾ ڪيترا ئي افغان طالبان مارجي ويا جڏهن ته ٻيا چيڪ پوسٽون ڇڏي فرار ٿي ويا، ڏکڻ وزيرستان سيڪٽر ۾ شوال کان زرملان تائين افغان طالبان جي سمورين پوسٽن کي اثرائتي طريقي سان تباهه ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ۽ فتنه …

راولپنڊي-18 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج پاڪ- افغان سرحد تي اُتر وزيرستان ۾ وقت سر ڪارروائي ڪندي دخل اندازي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جنهن ۾ ڪيترا ئي افغان طالبان مارجي ويا جڏهن ته ٻيا چيڪ پوسٽون ڇڏي فرار ٿي ويا، ڏکڻ وزيرستان سيڪٽر ۾ شوال کان زرملان تائين افغان طالبان جي سمورين پوسٽن کي اثرائتي طريقي سان تباهه ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جون مُنهن ٽوڙ ۽ مؤثر ڪارروايون جاري آهن. پاڪ- افغان سرحد تي اُتر وزيرستان ۾ پاڪ وقت سر ڪارروائي ڪندي دخل اندازي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. اُتر وزيرستان ۾ مواز ڪلي جي سرحدي علائقي ۾ افغان طالبان دخل اندازي جي منصوبا بندي ڪري رهيا هئا. پاڪ فوج جي اثرائتي ڪارروائي دوران ڪيترائي افغان طالبان مارجي ويا جڏهن ته ٻيا پوسٽون ڇڏڻ ڀڄي ويا. پاڪ فوج افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ڪمپائونڊ ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي مڪمل تباهه ڪيو. پاڪ فوج پاڪ- افغان سرحد تي ڏکڻ وزيرستان سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي پوسٽن کي نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڏکڻ وزيرستان سيڪٽر ۾ شوال کان زرملان تائين افغان طالبان جي سموريون پوسٽن کي اثرائتي طريقي سان تباهه ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ڀرپور ڪاررواين سان افغان طالبان پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ڀڄي رهيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته آپريشن غضب الحق پنهنجي هدفن کي مڪمل حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.