پاڪستان جي فضائي حدن ۾ ڀارتي جهازن جي استعمال تي پابنديءَ ۾ 24 اپريل تائين واڌ

اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي فضائي حدن ۾ ڀارتي جهازن جي استعمال تي پابنديءَ ۾ 24 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي) طرفان جاري بيان موجب پاڪستان جي فضائي حدن جي حوالي سان ڀارتي جهازن تي پابنديءَ ۾ واڌ ڪئي وئي. فضائي پابندي 24 اپريل تائين برقرار رهندي. پاڪستان جون فضائي حدون ڀارتي رجسٽرڊ جهازن لاءِ بند رهنديون. ڀارتي ايئر لائنز …

اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي فضائي حدن ۾ ڀارتي جهازن جي استعمال تي پابنديءَ ۾ 24 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي) طرفان جاري بيان موجب پاڪستان جي فضائي حدن جي حوالي سان ڀارتي جهازن تي پابنديءَ ۾ واڌ ڪئي وئي. فضائي پابندي 24 اپريل تائين برقرار رهندي. پاڪستان جون فضائي حدون ڀارتي رجسٽرڊ جهازن لاءِ بند رهنديون. ڀارتي ايئر لائنز يا آپريٽرز جي استعمال هيٺ سمورن جهازن تي پابندي بدستور برقرار رهندي. نوٽم ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان طرفان لاڳو فضائي پابنديءَ ۾ ڀارتي فوجي اُڏامون به شامل آهن.