سينيٽ چيئرمين پاران نيشنل پريس ڪلب جي نَون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نيشنل پريس ڪلب جي نَون چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته نيشنل پريس ڪلب ملڪ ۾ آزاد صحافت کي هٿي وٺرائڻ ۽ جمهوري قدرن جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت صحافي برادريءَ جي درپيش مسئلن جي حل لاءِ …

اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نيشنل پريس ڪلب جي نَون چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته نيشنل پريس ڪلب ملڪ ۾ آزاد صحافت کي هٿي وٺرائڻ ۽ جمهوري قدرن جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت صحافي برادريءَ جي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جرائتمنداڻا ۽ مدبراڻا قدم کڻندي ۽ پيشيوراڻين ذميوارين کي سهڻي انداز ۾ نڀائيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته حڪومت صحافين جي آئيني ۽ پيشيوراڻن حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندي ۽ ميڊيا جي هاڪاري ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت صحافت جي آزاديءَ تي يقين رکي ٿي ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيده قدم جاري رکندي.