پاڪستان ۽ چين پاران صحت، زراعت ۽ معدنيات ۾ اي آءِ تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد-18 مارچ(اي پي پي)ايس آءِ ايف  سي جي بهتر حڪمت عملي تحت پاڪستان جديدٽيڪنالاجي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي استعمال سان تحقيق، جدت، اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي رهيو آهي. ايس آءِ ايف سي موجب چين ۽ پاڪستان زراعت، ميڊيڪل، معدنيات ۽ بائيوٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڀريو آهي. ان سهڪار سان جديد فني جدت ۽ طبي تحقيق ذريعي صحت جي …

اسلام آباد-18 مارچ(اي پي پي)ايس آءِ ايف  سي جي بهتر حڪمت عملي تحت پاڪستان جديدٽيڪنالاجي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي استعمال سان تحقيق، جدت، اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي رهيو آهي. ايس آءِ ايف سي موجب چين ۽ پاڪستان زراعت، ميڊيڪل، معدنيات ۽ بائيوٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڀريو آهي. ان سهڪار سان جديد فني جدت ۽ طبي تحقيق ذريعي صحت جي مسئلن جا حل ڳولهڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي ملڪن سمارٽ ۽ ڊجيٽل زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل اي آءِ ليبارٽري قائم ڪرڻ لاءِ به سرگرم آهن. ان ليبارٽري جو مقصد مصنوعي ذهانت جي استعمال سان زرعي پيداوار، سپلائي چين ۽ فوڊ سيڪيورٽي کي بهتر بنائڻ آهي. اها پاڪستان جي زرعي معيشت لاءِ تمام گهڻي اهم اڳڀرائي هوندي. ويجهڙائي ۾ منعقد ٿيل پاڪستان چائنا بزنس ٽو بزننس (بي ٽو بي) ايگريڪلچر انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ اٽڪل 80 سيڪڙو مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون جڏهن ته 4.5 ارب ڊالرن جا معاهدا طئي ٿيا جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي تعاون جي واضح علامت آهن . چيني صنعتڪارن موجب پاڪستان معدني وسيلن سان مالامال آهي جڏهن ته چين وٽ کاڻين جي جديد مهارت حاصل آهي. انهن ٻنهي صلاحيتن جو دارومدار نه رڳو صنعتي ترقي تي آهي پر ان سان سيڙپڪاري جا نوان وڌندا. ايس آءِ ايف سي پاڪستان ۾ زراعت، صحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ عالمي شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن سان ملڪي معيشت کي جديد ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي.