اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهٽ آمدني وارن شهرين کي گهر جي سهولت ڏيڻ جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ۽ گهرن جي تعمير جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي کي حڪومتي ترجيح قرار ڏيندي ان حوالي سان عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزارت جي معاملن تي اجلاس …
وزيراعظم پاران گهٽ آمدني وارن شهرين کي گهرن جي تعمير جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي حڪومتي ترجيح قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهٽ آمدني وارن شهرين کي گهر جي سهولت ڏيڻ جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ۽ گهرن جي تعمير جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي کي حڪومتي ترجيح قرار ڏيندي ان حوالي سان عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزارت جي معاملن تي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ رهائش جي فراهمي، سستي گهرن جا منصوبا بشمول نجي شعبي جي حوصلا افزائي ۽ عوامي سهولتن جي بهتري اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن عام ماڻهو کي هائوس فنانس جي سهولت موثر انداز ۾ فراهم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعميرات جي شعبي جي حوالي سان ٽيڪس اسٽرڪچر ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن، تعميري شعبي جي لاءِ ٽيڪس اسٽينڊرڊائيزيشن تي فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ صوبن جي مشاورت جاري آهي، هائوس مورگيج جي حوالي سان سڌارن جي مسودي تي پڻ مشاورت جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گهٽ آمدني وارن جي لاءِ گهرن جي تعمير جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي. ريئل اسٽيٽ ۽ هائوسنگ جي شعبن جي ضابطي جي حوالي سان ريئل اسٽيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. هائوس فنانس جي حوالي سان ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ تي ناڻي واري وزارت، ايف بي آر، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن ۽ صوبا هائوسنگ واري وزارت ساان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.











