اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اختلافن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪويت سان يڪجهتي جو اظهار، اختلافن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اختلافن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد جي ڏي وٽ ڪندي پاڪستان ۽ ڪويت جي عوام سان گڏوگڏ پوري مسلمان امت جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ احترام جو اظهار ڪيو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪويت تي حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي ڀائر عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. هن سمورن علائقائي ملڪن کي امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۽ سمورن اختلافن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ مضبوط تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد کي پنهنجي سهولت موجب پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











