شوال 1447 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس خميس 19 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو

اسلام آباد- 18 مارچ (اي پي پي) شوال 1447 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس خميس 19 مارچ تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندا. زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جا اجلاس سڄي ملڪ ۾ پنهنجي پنهنجي هنڌن تي ٿيندا. مرڪزي چنڊ ڏسڻي …

اسلام آباد- 18 مارچ (اي پي پي) شوال 1447 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس خميس 19 مارچ تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ڪندا. زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جا اجلاس سڄي ملڪ ۾ پنهنجي پنهنجي هنڌن تي ٿيندا. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي سڄي ملڪ مان مليل شهادتن کي نظر ۾ رکندي چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان اعلان ڪندي.