نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پيٽروليم جي حوالي سان اجلاس، موجوده ٻارڻ جي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پيٽروليم جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ موجوده ٻارڻ جي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ پهچ جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سپلاءِ چين جي سخت …

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پيٽروليم جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ موجوده ٻارڻ جي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ پهچ جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سپلاءِ چين جي سخت نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٻارڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري رهي ۽ صارفين جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. هن پيٽروليم واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ جي صورتحال تي گهري نظر رکي وڃي ۽ گڏيل رابطن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي مستحڪم رهي. اجلاس ۾ پيٽروليم، ماحولياتي تبديلي، اطلاعات ۽ نشريات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽  ٽيلي ڪميونيڪشن وارن وفاقي وزيرن ۽ پيٽروليم ۽ آءِ ٽي وارن سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.