اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي صورتحال جي ڏس ۾ ٻارڻ جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جا قدم لاڳو ڪرڻ بابت جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪفايت شعاري ۽ بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، …
وزيراعظم جي صدارت ۾ خطي جي صورتحال جي ڏس ۾ ٻارڻ جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جا قدم لاڳو ڪرڻ بابت جائزه اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي صورتحال جي ڏس ۾ ٻارڻ جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جا قدم لاڳو ڪرڻ بابت جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪفايت شعاري ۽ بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق باجوه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پيٽروليم درآمدات جي سپلاءِ چين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پيٽروليم واري وزير کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حالتن جي بهتري تائين سمورا لاڳاپا ادارا هنگامي قدمن جي لاءِ تيار رهن. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران جاري ڪيل هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي، انٽيلي جنس بيورو سمورن قدمن تي عملدرآمد جي نگراني رپورٽ پيش ڪندي، ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جو ضرورت موجب مناسب ذخيرو موجود آهي، سموري صورتحال جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ پيٽروليم مصنوعات جو رڪارڊ رکيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي بي قاعدگي جي فوري نشاندهي ٿي سگهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سمورن ڪابينا ميمبرن رضاڪاراڻي طور تي پگهارون نه ورتيون، سرڪاري ادارن جي پيٽرول جي ڪٽوتي جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، بچت جي قدمن سان موجوده صورتحال ۾ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ دوائن جو مناسب ذخيرو موجود آهي، ورڪ فرام هوم جي حوالي سان سرڪاري اي – آفيس جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ڪنيڪٽيويٽي جا انتظام انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت پاران ڪيا ويا آهن.











