وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف کي ٽيليفون، تاريخي آئيني ريفرنڊم جي ڪاميابي تي مبارڪباد

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف کي قازقستان جي تاريخي آئيني ريفرنڊم جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي تبديلين خاص طور تي افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي …

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف کي قازقستان جي تاريخي آئيني ريفرنڊم جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي تبديلين خاص طور تي افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم 15 مارچ 2026ع تي قازقستان ۾ ٿيندڙ تاريخي آئيني ريفرنڊم جي ڪاميابي تي صدر جومارت توڪايووف کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته نئين آئين جي لاءِ زبردست ٽرن آئوٽ ۽ حمايت قازقستان جي عوام جي صدر جومارت توڪايووف جي دورانديش قيادت ۽ سڌاراجاتي ايجنڊا تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. هن يقين ظاهر ڪيو ته سڌارا قازقستان م نظم ۽ ضبط، اداراجاتي استحڪام ۽ قومي ترقي کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا. گذريل مهيني صدر جومارت توڪايووف جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم قازقستان جي صدر کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ان دوري دوران ڪيل فيصلن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهيو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته ٻئي ڌريون جلد ئي تجويز ڪيل ايم او يوز ۽ معاهدن تي لاڀائتو عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ ملاقات ڪنديون. صدر جومارت توڪايووف وزيراعظم کي هن سال جي آخر ۾ قازقستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جنهن کي وزيراعظم قبول ڪري ورتو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي تبديلين خاص طور تي افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي صدر توڪايووف ۽ قازقستان جي ڀائر عوام کي دل سان اڳواٽ مبارڪباد ڏني ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.