اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ افغان طالبان رجيم پاران پاڪستان تي ڪابل ۾ منشيات جي بحالي جي اسپتال کي نشانو بڻائڻ جي الزام ۽ ڪوڙي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم اهو الزام هڻي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته پاڪستان ڪابل ۾ منشيات جي بحالي جي اسپتال کي نشانو بڻايو، پاڪستان …
عطاءُ الله تارڙ پاران افغان طالبان رجيم پاران پاڪستان تي ڪابل ۾ منشيات جي بحالي جي اسپتال کي نشانو بڻائڻ جو الزام ۽ ڪوڙي دعويٰ بي بنياد قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ افغان طالبان رجيم پاران پاڪستان تي ڪابل ۾ منشيات جي بحالي جي اسپتال کي نشانو بڻائڻ جي الزام ۽ ڪوڙي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم اهو الزام هڻي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته پاڪستان ڪابل ۾ منشيات جي بحالي جي اسپتال کي نشانو بڻايو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي جاري جنگ ۾ رڳو انهن عسڪري ۽ دهشتگرد هدفن بشمول افغان طالبان رجيم جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائي رهيو آهي جيڪي پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن جي منصوبابندي، سهولتڪاري، پناهگاهه، تربيت يا حوصلي افزائي جي لاءِ سڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح استعمال ٿي رهيا آهن. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته ڪابل ۽ ننگرهار ۾ 16 مارچ 2026ع جي رات تي ڪيل حملا قطعي، سوچيل سمجهيل ۽ پيشيواراڻا هئا، ڪنهن اسپتال، ڪنهن منشيات جي بحالي جي مرڪز ۽ ڪنهن شهري سهولت جي عمارت کي نشانو نه بڻايو ويو. هدفن م فوجي ۽ دهشتگردي جو بنيادي ڍانچو هو جنهن ۾ گولا بارود ۽ ٽيڪنيڪي اوزارن جي ذخيرو ڪرڻ جي جڳهه ۽ پاڪستان جي خلاف دشمني جي سرگرمين سان واڳيل ٻيا ٺڪاڻا شامل هئا. هن چيو ته جيئن ته روايت آهي ته سمورن ڇهن حملن کي فوري طور تي اطلاعات واري وزارت پاران وڊيو فوٽيج سان گڏ ميڊيا کي فراهم ڪيو ويو جنهن سان هدفن جي نوعيت سڀني جي لاءِ واضح ٿي وئي. فراهم ڪيل وڊيوز ۽ تصويرون شڪ جي ڪا گنجائش نه ٿيون ڇڏين. ڪابل ۾ باهه جا شعلا ۽ لڳاتار ڌماڪا وڌيڪ ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته گولا بارود جو ذخيرو ڪرڻ جي جڳهه کي درستگي سان نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته موجوده پروپئگنڊه هڪ اهڙي حڪومت پاران اچي رهي آهي جنهن جا عهديدار بار بار ڪوڙن بيانن، ڪوڙين دعوائن، اڳ جي پوسٽن کي چونڊي ڊيليٽ ڪرڻ، ٻڌندڙن کي گمراهه ڪرڻ ۽ سچائي کي لڪائڻ جي لاءِ پراڻي تصويرن جي گردشن تي ڀاڙيو آهي، انهن جو تازو الزام دوکيبازي جي بوسيده روايت جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته اصل مسئلو جيئن جو تيئن برقرار آهي، پاڪستان، خطن ۽ دنيا کي افغان طالبان حڪومت جي اثر هيٺ علائقي مان دهشتگردي جا سنگين خطرا درپيش آهن، اهو خطرو اڃا وڌيڪ وحشياڻو ٿي ويو آهي، منشيات جي عادي ماڻهن ۽ معصوم ٻارن جو خودڪش بم حملن سميت ڪڌي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو موقف واضح آهي ته اسان پنهنجي شهرين جي دفاع، دهشتگردي جي صلاحيت کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرحد پار کان پاڪستان جي خلاف دهشتگردي ڪندڙن کي محفوظ پناهگاهن کان محروم ڪرڻ جي لاءِ هر ضروري قدم کڻندا رهنداسين.











