اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ڪوئٽا ۾ ايم پي اي ملڪ نعيم خان بازئي جي والد، ايم پي اي ملڪ عادل خان بازئي جي ڏاڏي ملڪ سيف الله بازئي جي وفات تي مرحوم جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني لاءِ سندن رهائشگاهه پهتو. ڊپٽي چيئرمين سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني …
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاران ايم پي اي ملڪ نعيم خان بازئي جي والد جي وفات تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ڪوئٽا ۾ ايم پي اي ملڪ نعيم خان بازئي جي والد، ايم پي اي ملڪ عادل خان بازئي جي ڏاڏي ملڪ سيف الله بازئي جي وفات تي مرحوم جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني لاءِ سندن رهائشگاهه پهتو. ڊپٽي چيئرمين سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته والدين زندگي جو انتهائي قيمتي اثاثو هوندا آهن جن جي محبت ۽ شفقت بي لوث ۽ لازوال هوندي آهي، والدين مان ڪنهن هڪ جي جدائي به ناقابل تلافي هوندي آهي پر هر انسان کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. هن چيو ته هو ڏک جي ان گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم هڪ نيڪ، باوقار ۽ باڪردار شخصيت جو مالڪ هو جنهن جي کوٽ هميشه محسوس ٿيندي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين بلوچستان جي صحت واي وزير بخت محمد ڪاڪڙ جي چاچي جي وفات تي به تعزيت جي اظهار ۽ فاتحه خواني لاءِ سندن رهائشگاهه تي پهتو جتي هن سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪنهن ويجهي مائٽ جو وڇڙو برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان آهي. هن مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽وارثن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي. جنهن کان پوءِ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ٻين مختلف ماڻهن سان سندن پيارن جي وڇڙي وڃڻ تي انهن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومن جي درجن جي بلندي ۽ مغفرت ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.











