پرڏيهي ۽ علائقائي چئلينجن باوجود ملڪي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي: ناڻي وارو مشير خرم شهزاد

اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) ناڻي بابت مشير خرم شهزاد چيو آهي، ته پرڏيهي ۽ علائقائي چئلينجن باوجود ملڪي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي ۽ اهم معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فيبروري  ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن 427 ملين ڊالرز اضافي رهيو آهي جيڪا مارچ 2025ع کان پوءِ بلند …

اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) ناڻي بابت مشير خرم شهزاد چيو آهي، ته پرڏيهي ۽ علائقائي چئلينجن باوجود ملڪي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي ۽ اهم معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فيبروري  ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن 427 ملين ڊالرز اضافي رهيو آهي جيڪا مارچ 2025ع کان پوءِ بلند ترين سطح آهي، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ فيبروري دوران ماهوار بنيادن تي 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، پرڏيهه مان  اماڻيل ناڻي ۾ مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ ساليانو بنياد تي 11 سيڪڙو جڏهن ته فيبروري ۾ ماهوار بنياد تي 5 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته فيبروري ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي روانگي واپار ۾ 19 سيڪڙو اضافو ٿيو. مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جا ملڪي ذخيرا 4 سالن جي بلند ترين سطح تي آهن جنهن سان آمدني واپار ڪور ڪرڻ ۾ اضافو ٿيو، وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ جنوري دوران 12 سيڪڙو اضافو ٿيو، مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ اٽڪل  6 سيڪڙو اضافو ٿيو. خرم شهزاد چيو ته ڪچي تيل جي قيمتن ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي. ڊبليو ٽي آءِ 102 ڊالر ۽ برينٽ 95 ڊالر جي ويجهو آهي جنهن سان ڪچي تيل جي في بيرل قيمت 60  ڊالر جي لڳ ڀڳ اچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان مارچ ۽ اپريل لاءِ توانائي جي ضرورتن کي محفوظ بڻايو آهي، ڪفايت شعاري لاءِ قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته معاشي سرگرمين کي برقرار رکڻ جا انتظام به موجود آهن. هن چيو ته پرڏيهي ۽ علائقائي چئلينجن باوجود معيشت جي بنيادي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي.