وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏيل تعاون ۽ مربوط حڪمت عملي ذريعي بلوچستان ۾ پائيدار امن جي قيام کي يقيني بڻائينداسين: محسن نقوي/ مير سرفراز بگٽي

ڪوئٽا - 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ امن امان بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، افغان مهاجرين جي واپسي، حواله منڊي، ڀته خوري جي خاتمي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ …

ڪوئٽا – 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ امن امان بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، افغان مهاجرين جي واپسي، حواله منڊي، ڀته خوري جي خاتمي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ٻين اهم معاملن تي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو. اجلاس ۾ نادرا چيئرمين، ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي، ڊائريڪٽر جنرل اين سي سي آءِ ۽ انسپيڪٽر جنرل فيڊرل ڪانسٽيبلري جي ادارن بابت معاملن تي جامع بريفنگ ڏني وئي ۽ صوبي ۾ غير قانوني سرگرمين جي سببن، اداره جاتي سگهه ۾ بهتري، امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ فيڊرل ڪانسٽيبلري جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو اهم فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جون ٻه ونگز مقرر ڪيون وينديون، جڏهن ته مجموعي طور تي اٽڪل 3 هزار اهلڪار صوبي جي مختلف حساس علائقن ۾ فرض سرانجام ڏيندا ته جيئن امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بڻايو ويندو. ان مقصد لاءِ اداري ۾ موجود سمورين خالي جاين تي مقامي ماڻهن جي ڀرتي ڪئي ويندي ته جيئن صوبي جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿين ۽ مقامي سطح تي اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. اجلاس دوران بلوچستان حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا تي رياست مخالف سرگرمين جي اثرائتي نگراني کي يقيني بڻايو ويندو. ان سلسلي ۾ رياست ۽ قومي ادارن خلاف بي بنياد پروپئگنڊا پکيڙڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ ۾ ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائيندي چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ بلوچستان حڪومت سان مڪمل تعاون جاري رکندي. هن چيو ته بلوچستان پوليس جي پيشيواراڻي سگهه ۾ اضافي، جديد تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ به ڀرپور مدد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته بلوچستان جي حالتن کان اسان سڀئي چڱي ريت آگاهه آهيون، صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان حڪومت دهشتگردي ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ پوري قوت ۽ پختي عزم سان قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ صرف سيڪيورٽي فورسز جي نه پر پوري قوم جي گڏيل جنگ آهي ۽ ان ۾ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته هو پهرين ڏينهن کان واضح ڪري چڪو آهي ته بلوچستان ۾ رياست جي عملداري هر صورت ۾ يقيني بڻائي ويندي ۽ قانون جي بالادستي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ ادارن جي گڏيل تعاون سبب صوبي ۾ صورتحال واضح بهتري آئي آهي ۽ اڄ بلوچستان ۾ احتجاج جي نالي ڪو به رستو بند ناهي ٿيندو. اجلاس ۾ وفاقي عملدارن کان علاوه بلوچستان مان صوبائي اسيمبلي ميمبر مير ضيا لانگو، چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان، گهرو معاملن بابت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حمزه شفاقت، آءِ جي پوليس بلوچستان، بلوچستان جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري عمران زرڪون سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.