ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ پيٽروليم مصنوعات جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد

اسلام آباد - 16 مارچ (اي پي پي) پيٽرول جي قيمتن جي نگراني لاءِ قائم ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي، ته ملڪ ۾ ٻارڻ جي دستيابي جي حوالي سان صورتحال تسلي بخش آهي ۽ مارچ جي ضرورت مڪمل طور تي محفوظ بڻائي وئي آهي، موجوده ڪارگو جي منصوبه بندي ۽ سپلاءِ انتظامن جي بنياد تي وچ اپريل تائين رسد دستياب آهي ۽ ان کي اپريل جي آخر تائين وڌائڻ لاءِ …

اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) پيٽرول جي قيمتن جي نگراني لاءِ قائم ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي، ته ملڪ ۾ ٻارڻ جي دستيابي جي حوالي سان صورتحال تسلي بخش آهي ۽ مارچ جي ضرورت مڪمل طور تي محفوظ بڻائي وئي آهي، موجوده ڪارگو جي منصوبه بندي ۽ سپلاءِ انتظامن جي بنياد تي وچ اپريل تائين رسد دستياب آهي ۽ ان کي اپريل جي آخر تائين وڌائڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. اجلاس ناڻي وزارت ۾ وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي توانائي جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو روزاني جائزه وٺڻ جي سلسلي جو حصو هو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽريز ۽ سينئر اختيارين شرڪت ڪئي. ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ذخيرن جي صورتحال جو جامع جائزو ورتو. ميمبرن کي ڪچي تيل ۽ ريفائن ٿيل پيٽروليم مصنوعات جي موجوده قومي ذخيري، جاري آمدني واپار جي انتظامن ۽ سپلائي چين جي لاجسٽڪس بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻارڻ جي دستيابي جي حوالي سان ملڪ جي پوزيشن تسلي بخش آهي ۽ مارچ جي گهُرج مڪمل طور تي محفوظ بڻائي وئي آهي. اجلاس ۾ جاري علائقائي حالتن کي نظر ۾ رکندي خريداري جي طريقيڪار ۽ سامونڊي لاجسٽڪس جو به جائزو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ ڪميٽي قومي توانائي سپلائي چين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ رسد جي ذريعن ۾ وڌيڪ تنوع آڻڻ جي اهميت تي زور ڀريو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خريداري جي حڪمت عملي اڳ ئي وڌيڪ تنوع ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ عالمي مارڪيٽ مان وسيع تر ذريعن کان خريداري لاءِ قدم کنيا آهن ته جيئن ڪنهن هڪ رستي تي ڀاڙڻ گهٽائي سگهجي ۽ پاڪستان جي مجموعي توانائي سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي بنا رڪاوٽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته موجوده ذخيرن جي صورتحال ۽ سپلائي جو منظرنامو مستحڪم آهي ۽ پيش ڪيل رپورٽن جي بنياد تي عوام پاران گهٻراهٽ ۾ خريداري يا غير ضروري ذخيره اندوزي جي ڪا به ضرورت ناهي. اجلاس لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڏني ته هو اوگرا ۽ صوبائي حڪومتن سان رابطي ۾ رهندي ذخيرن جي سطح ۽ مارڪيٽ جي سرگرمين جي وجهي کان نگراني ڪن ته جيئن ذخيره اندوزي جي ڪنهن به واقعي جي روڪٿام ڪري سگهجي. ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ يا معمول جي سپلائي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪنهن به ڪوشش خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪميٽي پيٽروليم ذخيرن، آمدني واپار جي وهڪري، مارڪيٽ جي صورتحال ۽ سپلائي چين جي اڳڀرائي جو روزانو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجو اجلاس باقاعدگي سان جاري رکندي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي بنا رڪاوٽ دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي.