وزيراعظم شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي ملاقات

اسلام آباد –  16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير امير مقام وزيراعظم کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه جي عوامي ڀلائي جي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات …

اسلام آباد –  16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير امير مقام وزيراعظم کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه جي عوامي ڀلائي جي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.