اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، رحيم يار خان ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري جي هدايت تي سينيٽر روبينه خالد فوري طور رحيم يار خان روانو ٿي وئي ته جيئن موقعي تي پهچي صورتحال جو جائزو وٺي سگهي ۽ متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهي. بي …
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جو رحيم يار خان ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، رحيم يار خان ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري جي هدايت تي سينيٽر روبينه خالد فوري طور رحيم يار خان روانو ٿي وئي ته جيئن موقعي تي پهچي صورتحال جو جائزو وٺي سگهي ۽ متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهي. بي آءِ ايس پي چيئرپرسن جي هدايت تي هيڊڪوارٽر مان هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي فوري طور تي رحيم يار خان روانو ٿي وئي آهي جيڪا واقعي جي مڪمل جاچ ۽ ذميوارن جو تعين ڪري 24 ڪلاڪن اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي. واقعي ۾ امڪاني غفلت کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل پارٽنر بينڪ کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان تي ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويندو. بي آءِ ايس پي طرفان فوت ٿي ويل عورتن جي وارثن لاءِ 10 لک روپيه جڏهن ته ٽن زخمي عورتن لاءِ 3 لک روپيه امداد ڏني ويندي. سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته ان افسوسناڪ واقعي جي شفاف جاچ ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل پارٽنر بينڪ جي نمائندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي جڏهن ته متاثر ڪٽنبن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو.












