دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) واپڊا مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 25هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهرو وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 400ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا …

اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) واپڊا مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 25هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهرو وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 400ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 15 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ4 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو . بيراجن جي صورتحال مطابق بيراج ۾ پاڻي جي آمد 48 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 41 هزار 600 ڪيوسڪ ، چشمه بيراج ۾ پاڻي جي آمد 43 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ ، تونسه بيراج ۾ پاڻي جي آمد 43 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 34 هزار 200 ڪيوسڪ ، گڊو بيراج ۾ پاڻي جي آمد 27 هزار 70 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 23 هزار 800 ڪيوسڪ ، سکر براج ۾ پاڻي جي آمد 22 هزار 60 ڪيوسڪ۽ ڇوڙ 4 هزار 100 ڪيوسڪ ، ڪوٽڙي بيراج ۾ پاڻي جي آمد 14 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 3 هزار900 ڪيوسڪ ، بيراج ۾ پاڻي جي آمد 27 هزار 300 ڪيوسڪ ، ڇوڙ 21 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ پنجند بيراج ۾ پاڻي جي آمد 11 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو . آبي ذخيرن جي انگ اکر مطابق تربيلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1451.86 فوٽ ، ريزروائر ۾ پاڻي جو ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ اڄ استمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.071 ملين ايڪڙو فوٽ ، منگلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1144.15 فوٽ ، ريزرووائر ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ اڄ استعمال جوڳو ذخيرو 1.486 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشمه جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 644.60 فوٽ ، ريزروائر ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ اڄ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.129 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.

مزید خبریں